
لاهور: (جمعو: 23 فيبروري 2024ع) پنجاب اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو آهي.
پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان نون چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو.
پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڄ صبح 10 وڳي طلب ڪيو ويو هو جيڪو ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو.
پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اسيپڪر سبطين خان جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ اسپيڪر نون چونڊجي آيل ميمبرن کان حلف ورتو، قسم کڻندڙن ۾ مريم نواز کانسواءِ مريم اورنگزيب به شامل هئي.
ان کان اڳ ن ليگ جي نامزد وزيراعليٰ مريم نواز حلف کڻڻ لاءِ اسيمبلي جي هال ۾ پهتي ته ميمبرن سندس حق ۾ هنيا جڏهن ته ليگي ڪارڪنن ايوان نواز شريف جون تصويرون به کڻي آيا.
ن ليگ جا اٽڪل 215 ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي 97 ميمبر ايوان ۾ موجود هئا، ان دوران سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن ن ليگ خلاف نعريبازي ڪئي جنهن جواب ۾ ليگي ڪارڪنن به نعريبازي ڪئي.
اجلاس دوران سني اتحاد ڪائونسل ۽ ن ليگ ڪارڪنن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي.
ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي.