ڪراچي: (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي وڏ وزارت لاءِ هڪ ڀيرو وري مراد علي شاهه جو نالو فائنل ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب، مراد علي شانن سنڌ جو نئون وڏو وزير هوندو جنهن لاءِ پارٽي قيادت اڄ ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي قيادت سنڌ جي وڏ وزارت لاءِ ٽيون ڀيرو مراد علي شاهه جو نالو فائنل ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان باقي قيادت کي به آگاهه ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، مراد علي شاهه اڱاري جي ڏينهن ٽيون ڀيرو وزير اعليٰ جي منصب جو حلف کڻندو.