راولپنڊي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) کي خط لکڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
اڊيالا جيل جي عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻول ڪندي عمران خان چيو ته آءِ ايم ايف کي خط لکي ڇڏيو آهي، اڄ خط هليو ويو هوندو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اهڙين حالتن ۾ ملڪ کي قرض مليو ته قرض واپس ڪير ڪندو، ان قرض سان غربت وڌندي، جيستائين سيڙپڪاري نه ٿيندي قرض وڌندو ويندو.
پي ٽي آءِ باني چيو ته سڀ کان پهرين ملڪ ۾ سياسي استحڪام آندو وڃي، نواز شريف جي سليڪشن لاءِ ادارن کي تباهه ڪيو ويو، عدالتون، نيب سڀ ڪجهه تباهه ڪيو ويو ته جيئن نواز شريف کي سليڪٽ ڪري سگهجي، نواز شريف لاءِ مون کي زيرو ڪيو ويو، وري چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرائي وئي.
عمران خان وڌيڪ چيو ته اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي جا انڪشاف سامهون آيا، بعد ۾ کيس کنڀي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، هاڻي سندس سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ٿي چڪو آهي.