ڪراچي، شاهراهه فيصل تي نرسري وٽ پوليس ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن ۾ چڪريون، پوليس جي شيلنگ

ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي نرسري وٽ پوليس ۽ جي يو آءِ جي ڪارڪنن ۾ چڪريون، پوليس جي شيلنگ، ڪارڪن نرسري وارو رستو ڇڏي طارق روڊ رستي ڪراچي پريس ڪلب روانا

 راشد محمود سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪراچي ٽول پلازه، سسئي ٽول پلازه ۽ ڪارساز وٽ لڳايل ڌرڻا ختم ڪيا ويا، ڌرڻن ۾ شريڪ جي يو آءِ ۽ جي ڊي اي جا ڪارڪن ڪراچي پريس ڪلب آڏو گڏ ٿي ويا

پوليس پاران سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻڻ لاءِ ويندڙ قافلن کي ڪراچي ٽول پلازه، سسئي ٽول پلازه ۽ ڪارساز وٽ روڪيو ويو هو، جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو جا پوليس آفيسرز سان ڏند چڪ

جي ڊي اي جون ڪارڪن عورتون به جي يو آءِ سان گڏ ڌرڻو هڻي ويهي رهيون، راشد محمود سومرو جي پوليس آفيسرن سان ڳالهين بعد قافلن کي ڪراچي پريس ڪلب وڃڻ لاءِ ڇڏيو ويو

 راشد محمود سومرو پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس قافلن کي روڪڻ جو نوٽيس وٺن، سنڌ جي عوام جو ووٽ چوري ڪيو ويو آهي، عدليه پاڻمرادو نوٽيس وٺندي جاچ ڪرائي ۽ آءِ جي سنڌ کان وضاحت طلب ڪئي وڃي

Read Previous

سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻڻ لاءِ پهتل جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن تي لٺبازي، گرفتاريون

Read Next

مراد علي شاهه 112 ووٽ کڻي ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو

Most Popular