مراد علي شاهه 112 ووٽ کڻي ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو

ڪراچي: سيد مراد علي شاهه 112 ووٽ کڻي ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو

 ايم ڪيو ايم جي اميدوار علي خورشيدي کي 36 ووٽ مليا، مراد علي شاهه ڪٽنب جي ڀاتين سميت ايوان ۾ پهتو ته سندس پرجوش آجيان ڪئي وئي

 گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي جو اويس قادر شاهه 111 ووٽ کڻي اسپيڪر ۽ نويد انٿوني ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويا هئا، اڄ نادر مگسي جي حلف کڻڻ بعد مراد علي شاهه 112 ووٽ کڻي وڏو وزير چونڊجي ويو

 نادر مگسي جيپ ريلي ۾ شرڪت سبب ايم پي اي طور حلف نه کڻي سگهيو هو، سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل پي ٽي آءِ جي حمايت يافته 9 ميمبرز وڏي وزير جي چونڊ واري عمل جو بائيڪاٽ ڪيو

Read Previous

ڪراچي، شاهراهه فيصل تي نرسري وٽ پوليس ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن ۾ چڪريون، پوليس جي شيلنگ

Read Next

صدر عارف علوي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ واري سمري واپس ڪري ڇڏي

Most Popular