سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻڻ لاءِ پهتل جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن تي لٺبازي، گرفتاريون

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻڻ لاءِ پهتل جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن تي پوليس جي لٺبازي، تشدد ۽ گرفتاريون

قومي عوامي تحريڪ جون ڪارڪن عورتون ۽ جي يو آءِ جا ڪارڪن به گرفتار ڪيا ويا، ڪراچي شهر ۾ صورتحال خراب ٿيڻ لڳي، مختلف علائقن ۾ ڌرڻا

جي ڊي اي، جي يو آءِ، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي ڌرڻي واري اعلان سبب سنڌ اسيمبلي ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا ڪنٽينرز رکي بند ڪيا ويا

 قومي عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ ۽ جي يو آءِ جا ڪارڪن رنڊڪون ٽوڙي سنڌ اسيمبلي پهتا ته کين گرفتار ڪيو ويو

 عورتن سميت گرفتار ڪيل 150 ڄڻن کي آرٽلري ٿاڻي ۽ ٻين هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، گرفتار ڪيلن ۾ مظهر راهوجو، زينت سمون، نصرت خاصخيلي ۽ ٻيا شامل آهن

Read Previous

منظور وساڻ پير صدرالدين شاهه کي خيرپور مان چونڊون وڙهڻ جو چيلينج ڏئي ڇڏيو

Read Next

ڪراچي، شاهراهه فيصل تي نرسري وٽ پوليس ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن ۾ چڪريون، پوليس جي شيلنگ

Most Popular