ڊي ايڇ او حيدرآباد ۽ ايم ايس ڪوهسار اسپتال جي لاپرواهي: 2 ٻارڙا ارڙي سبب فوت

حيدرآباد: (رپورٽ: اسلم گوپانگ) ڊي ايڇ او حيدرآباد ۽ ايم ايس ڪوهسار اسپتال جي لاپرواهي سبب لطيف آباد تعلقي جي ڳوٺ الله بخش بروهي جي شيخ پاڙي جا 2 ٻارڙا ارڙي سبب فوت، جڏھن ت ٽيون ٻارڙو نازڪ حالت ۾ اسپتال داخل آهي.

تفصيل موجب شيخ پاڙي جي 2 ٻارڙن 4 سالن جي غلام مصطفيٰ ولد مختيار ملاح ۽ ثمرين ولد رشيد ملاح فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته ثمرين جي ڀاءُ ياسين ولد رشيد ملاح کي نازڪ حالت ۾ ڪوهسار اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ متاثر ماڻهن جو چوڻ آهي ته 48 ڪلاڪن ۾ 2 ٻارڙا ارڙي سبب فوت ٿي چڪا آهن.

اسپتال ۾ ڪرپشن به عروج تي آهي پر ڊاڪٽر ٻارڙن جو خيال نه پيا رکن ۽ اسان جا معصوم ٻار اسان جي اکين جي سامهون تڙپي تڙپي فوت ٿي رهيا آهن.

متاثرن سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو آھي ته ڊي ايڇ او حيدرآباد ۽ ايم ايس ڪوهسار اسپتال خلاف ڪارروائي ڪري معصوم ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن جڏهن ته نازڪ حالت ۾ ڪوهسار اسپتال پهتل ياسين ملاح کي ڪوهسار اسپتال مان سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.

Read Previous

ڪراچي ۾ تيز رفتار ڪار فُٽ پاٿ تي ستل ماڻهن مٿان چڙهي وئي، ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا فوت

Read Next

هڪ لک ووٽن جي ليڊ سان هارائيندڙ ماڻهو به احتجاج پيا ڪن: مراد علي شاهه

Most Popular