پاڪستان پيپلز پارٽي اسحاق ڊار کي ناڻي وارو وزير بنائڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (بيورو چيف) پاڪستان پيپلز پارٽي مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ سينيٽر اسحاق ڊار کي ناڻي واري وزارت جون ذميواريون ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن کان اڳ  چونڊ مهم دوران پيپلز پارٽي جي اڳواڻن پي ڊي ايم حڪومت ۾ ناڻي واري وزارت جون ذميواريون نڀائيندڙ اسحاق ڊار کي ملڪي معاشي معاملن کي بهتر طريقي سان نه هلائڻ تي تنقيد جو نشانو بنايو هو.

هلندڙ سال جنوري ۾ نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته اسان جي پارٽي چاهي ٿي ته ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال سبب(ن) ليگ اسحاق ڊار جي جڳهه ڪنهن ٻئي کي ناڻي وارو وزير بنائي.

اسحاق ڊار بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي رد عمل ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته بلاول منهنجي ٻارن جيان آهي ان جي بيان تي ڪوبه تبصرو نه ڪندس، ان حوالي سان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ چيو  آهي ته مسلم ليگ(ن) ڊرائيونگ سيٽ تي آهي ۽ اهو انهي کي اختيار آهي ته هو ڪنهن کي پنهنجي ڪابينه ۾ شامل ڪري ٿي. پ پ اڳواڻ چيو ته اسان ڪڏهن به ڪنهن شخص تي ڪوبه اعتراض ناهي اٿاريو  البته اسان انهن جي پاليسين تي اعتراض ڪيو آهي.

Read Previous

صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي جي ڪوئيٽا واري گهر ۽ آفيسز تي ڇاپا

Read Next

آءِ ايم ايف دوائن، پيٽروليم ۽ ٻين ڪيترين ئي شين تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Most Popular