اداڪار عمران هاشمي جي زال کيس ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار عمران هاشمي جي زال سندس خوراڪ کان تنگ اچي ڪري کيس ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي، ڀارتي ميڊيا موجب عمران هاشمي پنهنجي تازي انٽرويو ۾ پنهنجي روزمرهه جي خوراڪ جي روٽين جو انڪشاف ڪيو، جنهن کي اهو گذريل ٻن سالن کان فالو ڪري رهيو آهي

عمران هاشمي چيو ته مان پنهنجي فٽنس ۽ صحت تي سخت محنت ڪري رهيو آهيان، جنهن سبب گذريل ٻن سالن کان هڪ ئي ڊائٽ پلان وٺي رهيو آهيان، جيڪو چڪن قيمه، سلاد ۽ شڪر قندي تي مشتمل آهي، اداڪار چيو ته مان ڄاڻان ٿو ته منهنجي خوراڪ تمام بورنگ آهي پر اها منهنجي صحت جي لاءِ مفيد آهي، چڪن قيمو کائڻ ۾ هلڪو هوندو آهي، آساني سان هضم ٿي ويندو آهي، جڏهن ته سلاد ۽ شڪر قندي مان ڪافي فائدا حاصل ٿيندا آهن

هن چيو ته منهنجو باورچي منهنجي لاءِ پوري هفتي جو کاڌو هڪ ئي ڀيرو تيار ڪري رکي ڇڏيندو آهي، پوءِ مان روزانو پنهنجي حساب سان لنچ ۽ ڊنر ۾ پنهنجو کاڌو کائي ڇڏيندو آهيان، عمران هاشمي پنهنجي زال جو ذڪر ڪندي چيو ته منهنجي خوراڪ سبب منهنجي زال تنگ اچي وئي آهي

منهنجي زال اهو سڀ ناهي کائيندي پر کيس تمام گهڻي ڪاوڙ ايندي آهي، اداڪار مزاحيه انداز ۾ وڌيڪ چيو ته منهنجي خوراڪ سبب منهنجي زال مون کي ڇڏڻ جي باري ۾ سوچي رهي آهي، هوءَ مون کي ڌمڪيون ڏيندي رهي آهي پر هن اڃا تائين ايئن ناهي ڪيو

Read Previous

حيدرآباد ۾ قانون جي شاگردياڻي ڀاءُ سميت قتل، جوابدار پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

Read Next

سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جا گرفتاري وارنٽ جاري

Most Popular