سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جا گرفتاري وارنٽ جاري

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جي گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

 چيف سيڪريٽري کي ڪيڊٽ ڪاليج جي 60 ملازمن جي پگهارن ۽ کين پڪو ڪرڻ وارو مسئلو ٻن مهينن ۾ حل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

 جسٽس اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ملازمن جي پگهارن واري ڪيس جي ٻڌڻي هلائي

ڪيڊٽ ڪاليج جي 60 ملازمن پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ 2017 کان بند پيل پگهارون جاري ڪرڻ ۽ مستقل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي

 عدالت پاران ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسپال جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

عدالت پرنسپال جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ايس ايس پي سکر کي 7 مئي تي پرنسپال کي پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو

Read Previous

اداڪار عمران هاشمي جي زال کيس ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

Read Next

مريم نواز جي لاهور پوليس جي اي ايس پي شهربانو کي شاباشي

Most Popular