حيدرآباد ۾ قانون جي شاگردياڻي ڀاءُ سميت قتل، جوابدار پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

 حيدرآباد(رپورٽ: اسلم گوپانگ) حيدرآباد ڀرسان نسيم نگر ۾ موٽر سائيڪل تي مٺا رام هاسٽل کان واپس ايندڙ وڪيل ڀاءُ ۽ ڀيڻ مٿان ڪار سوار هٿياربند فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڀاءُ ڀيڻ مارجي ويا، جڏهن ته هٿياربند پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب حيدرآباد جي علائقي نسيم نگر واڌو واهه ڀرسان نقاش ولاز وٽ فائرنگ دوران ڀاءُ ڀيڻ سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، مارجي ويل ٽئي ڄڻا قانون جا شاگرد هئا. جوابدار جي فائرنگ ۾ مارجي ويل عورت وڪيل جي سڃاڻپ يسريٰ جڏهن ته نوجوان جي آغا آڪاش پٺاڻ جي نالي سان ڪئي وئي آهي. پوليس موجب جوابدار ڀيڻ ڀاءُ تي فائرنگ ڪرڻ کان پوءِ پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو. پوليس موجب ٻئي ڀيڻ ڀاءُ ٿڏي تي قتل ٿي ويا جڏهن ته جوابدار کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال نيو ويو جتي اهو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. جوابدار جي سڃاڻپ بلڙي شاهه ڪريم واسي ارشاد کوکر جي نالي سان ٿي، جيڪو هن وقت حيدرآباد جي علائقي گلستان سجاد ۾ رهندو هو. ذريعن موجب واقعو ناري پاران شادي کان انڪار ڪرڻ سبب پيش آيو آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ ٻڌايو ته شروعاتي ڄاڻ ۾ خبر پئي آهي ته موٽر سائيڪل سوار ڀيڻ ڀاءُ تي ڪار سوار جوابدار فائرنگ ڪئي، جنهن دوران ٻئي ڀيڻ ڀاءُ ٿڏي تي قتل ٿي ويا جنهن کان پوءِ  جوابدار پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي موجب جوابدار يسريٰ کي پسند ڪندو هو. واقعي جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ ڪارروائي جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته واقعي کان پوءِ وڪيل برادري جو وڏو انگ سول اسپتال حيدرآباد پهچي ويو.

Read Previous

قمبر ۾ سسئي لوهار چيف جسٽس آڏو اچي وئي

Read Next

اداڪار عمران هاشمي جي زال کيس ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

Most Popular