ايوان صدر ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي اعليٰ ترين سول اعزاز ڏيڻ جي تقريب جاري

اسلام آباد: (ڇنڇر: 23 مارچ 2024ع) ايوان صدر ۾ يوم پاڪستان تي اعليٰ ترين سول اعزاز ڏيڻ جي تقريب جاري آهي جنهن ۾ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم ۽ مختلف ملڪن جا سفير شريڪ آهن.

تقريب ۾ صدر آصف زرداري، سينئر سياستدان راجا ظفرالحق ۽ سيد قائم علي شاهه کي نشان امتياز سان نوازيو ويو جڏهن ته سيد طارق فاطمي کي پرڏيهي معاملن ۾ خدمتون انجام ڏيڻ تي هلال امتياز سان نوازيو ويو.

تقريب ۾ ڊاڪٽر محمد امجد ثاقب کي عوامي خدمتن تي هلال امتياز سان نوازيو ويو. جڏهن ته اصلاح الدين صديقي کي هاڪي جي شعبي ۾ خدمتون انجام ڏيڻ تي نشان امتياز ڏنو ويو. افتخار عارف کي شاعري ۽ ادب جي شعبي ۾ خدمتن تي نشان امتياز سان نوازيو ويو جڏهن ته مشهور شاعر انور مسعود کي هلال امتياز سان نوازيو ويو.

سينئر صحافي ۽ اينڪر پرسن سهيل وڙائچ کي صحافت جي شعبي ۾ خدمتون انجام ڏيڻ تي صدارتي اعزاز سان نوازيو ويو. تقريب ۾ ايئر مارشل رٽائرڊ نجيب اختر کي نشان امتياز جڏهن ته مشتاق سکهيرا کي پوليس جي شعبي ۾ خدمتن تي  هلال شجاعت سان نوازيو ويو. برگيڊيئر سيد سرفراز مرحوم کي هلال امتياز سان نوازيو ويو.

عوامي خدمتن جي شعبي ۾ مفتي عبدالشڪور کي وفات کان پوءِ هلال امتياز سان نوازيو ويو. جڏهن ته انهيءَ شعبي ۾ ناصر محمود کوسو، فواد حسن فواد، راجا نعيم اڪبر، ڪيپٽن(ر) زاهد سعيد، سبطين فضل، علي ۽ زاهد اختر زمان کي به هلال امتياز سان نوازيو ويو.

تقريب ۾ طارق باجوه کي معاشي خدمتن تي هلال امتياز جڏهن ته طارق محمود پاشا کي عوامي خدمتن تي هلال امتياز سان نوازيو ويو. جاويد اسلم کي عوامي خدمتن تي هلال امتياز سان نوازيو ويو. جڏهن ته فن جي شعبي ۾ احمد شاهه کي هلال امتياز سان نوازيو ويو.  راحت فتح علي خان کي موسيقي جي شعبي ۾ خدمتون انجام ڏيڻ تي هلال امتياز سان نوازيو ويو.

Read Previous

پنجاب جي گهرو سيڪريٽري نورالامين خلاف سندس ٻئي گهر واري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

Read Next

چيني صدر جو آصف علي زرداري کي يوم پاڪستان تي مبارڪباد جو پيغام

Most Popular