بلوچستان جي وڏي وزير 2 هزار گوسڙو استادن کي هٽائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

ڪوئٽه: (سومر: 25 مارچ 2024ع) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي 2 هزار گوسڙو استادن کي هٽائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان سان گڏ ئي سرفراز بگٽي اهو حڪم به ڏئي ڇڏيو آهي ته تعليم کاتي ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ٿيندي ميرٽ تي ضلعي تعليمي آفيسر لڳايا ويندا.

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ تعليم کاتي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو وڏي وزير  بلوچستان جي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته اهو هڪ مهيني ۾ عادي گوسڙو استادن کي  عهدن تان هٽائي رپورٽ پيش ڪئي.

ان جي باوجود جيڪڏهن ڪو به غير ڏٺو ويو ته تعليم کاتي جي سيڪريٽري خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سرفراز بگٽي چيو ته تعليمي خرچن جي مد ۾ صوبي ۾ هر ٻار تي ماهوار 5 هزار 625 روپيه خرچ ڪيا پيا وڃن جيڪو ساليانو 72 هزار روپين جي لڳ ڀڳ في ٻار خرچ بڻجي ٿو. هن چيو ته ايتري خرچن ۾ ته هر ٻار ملڪ جي اعليٰ ترين نجي تعليمي اداري ۾ تعليم حاصل ڪري سگهي ٿو.

Read Previous

وزيراعظم شهباز شريف گيس جي قيمتن ۾ واڌ تي ڪاوڙجي پيو،آڊٽ رپورٽ طلب

Read Next

پي ٽي آءِ يورپي يونين ۽ آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جي بجاءِ اليڪشن ٽربيونلز ۾ وڃي: عطا تارڙ

Most Popular