پي ٽي آءِ يورپي يونين ۽ آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جي بجاءِ اليڪشن ٽربيونلز ۾ وڃي: عطا تارڙ

اسلام آباد: (سومر: 25 مارچ 2024ع) اطلاعات بابت وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا آءِ ايم ايف کي خط لکندا آهن ته ڪڏهن يورپي يونين کي عام چونڊن جي جاچ جو چئي رهيا آهن. جيڪڏهن اوهان کي شڪايت آهي ته اليڪشن ڪميشن يا اليڪشن ٽربيونلز ۾ وڃو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ هڪ قومي پارٽي آهي پر انهن جو رويو اهڙو آهي جيئن ننڍا ٻار پاڻ ۾ وڙهي رهيا هجن. پي ٽي آءِ جا اڳواڻ اندروني سياست کي ڇڏي ميثاق معيشت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اوهان ڪڏهن آءِ ايم ايف کي خط لکندا آهيون ڪڏهن يورپي يونين کي اليڪشن جي جاچ جو چئي رهيا آهيو. جيڪڏهن اوهان کي شڪايت آهي ته اليڪشن ڪميشن يا اليڪشن ٽربيونلز ۾ وڃو، اوهان ڪڏهن لابنگ فرمز هائر ڪندا آهيو اوهان کي ڊونلڊ لو سرٽيفائيڊ ڪوڙو قرار ڏنو آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ قومي ڌارا ۾ اچي ۽ هتي جي سياست ڪري، اوهان يورپي يونين کان رپورٽ گهرڻ جي بجاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ وڃو.

وفاقي وزير چيو ته گوادر پورٽ اٿارٽي تي گذريل ڏينهن حملو ڪيو ويو. ان حملي جي ذميواري بي ايل اي قبول ڪئي. ڪريم جان نالي دهشتگرد گوادر پورٽ اٿارٽي جي حملي ۾ ملوث هو جيڪو مارجي ويو اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته آگسٽ 2022 کان ڪريم جان کي مسنگ پرسن ڊڪليئر ڪيو پيو وڃي.

عطا تارڙ وڌيڪ چيو ته گوادر تي حملو اسان جي معيشت تي حملو آهي. ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. احد چيمه بابت ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير چيو ته احد چيمه جا ٻار 3 سالن کان اتي نه پڙهي رهيا هئا، جڏهن انهي جا ٻار اتي نه پڙهي رهيا هئا ته پوءِ نه پڙهڻ جي فيس ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي. قانون ۽ رولز موجب انهن درخواست ڏني. درخواست ۾ چيو ويو ته منهنجا ٻار اتي نه پيا پڙهن. جڏهن ٻار نه پيا پڙهن ته فيس ڇاجي ادا ڪئي وڃي. انهي کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي. رپورٽ جو تفصيلي جائزو وٺو ته اوهان کي خبر پوي.

Read Previous

بلوچستان جي وڏي وزير 2 هزار گوسڙو استادن کي هٽائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

Read Next

مراد سعيد سينيٽ چونڊن لاءِ اهل قرار، اپيليٽ ٽربيونل اپيل منظور ڪري ورتي

Most Popular