مراد سعيد سينيٽ چونڊن لاءِ اهل قرار، اپيليٽ ٽربيونل اپيل منظور ڪري ورتي

پشاور: (سومر: 25 مارچ 2024ع) اپيليٽ ٽربيونل سينيٽ چونڊن جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مراد سعيد کي اهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

اپيليٽ ٽربيونل جي جج جسٽس شڪيل احمد مراد سعيد جي اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. ٽربيونل مراد سعيد جي اپيل منظور ڪري ورتي.

ان کان علاوه اپيليٽ ٽربيونل پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جي سينيٽ جي عام چونڊن تي چونڊ وڙهڻ جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا.

ٽربيونل دلاور خان، روبينه خالد، فدا محمد ۽ اظهر مشواني جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون.

Read Previous

پي ٽي آءِ يورپي يونين ۽ آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جي بجاءِ اليڪشن ٽربيونلز ۾ وڃي: عطا تارڙ

Read Next

ٺٽو: گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي ڪينال مان هٿ آيل عورت ۽ مرد جي لاشن جي سڃاڻپ ٿي وئي

Most Popular