پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري ايسٽر جو تهوار ملهائي رهي آهي

اسلام آباد: (آچر: 31 مارچ 2024ع) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري اڄ ايسٽر جو تهوار ملهائي رهي آهي.

سڄي دنيا ۾ مسيحي اڄ ايسٽر جو تهوار ملهائي رهيا آهن ان حوالي سان ويٽي ڪن سٽي ۾ پوپ فرانس دعا ڪرائي ۽ ميڻ بتيون ٻاريون ويون.

پاڪستان ۾ به گرجا گهرن ۾ ايسٽر عبادتون ۽ دعائيه تقريبون ٿيون جن مان ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعائون گهريون ويون.

ڪراچي جي هولي ٽرينني ڪٿيڊل ۾ به ايسٽر جي حوالي سان عبادت ۽ دعائيه تقريب ٿي. صدر آصف زرداري ايسٽر جي موقعي تي مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته مسيحي برادري پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهي. مسيحي برادري پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۾ اڳيان وڌي حصو ورتو. اڄ اسان پاڪستان جي ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار جي تعريف ڪريون ٿا.

صدر آصف زرداري چيو ته پاڪستان جو آئين سمورن اقليتن جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو. ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اقليتن سميت سموري قوم کي ملي ڪم ڪرڻو پوندو.

وزيراعظم شهباز شريف به ايسٽر جي موقعي تي مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏيندي  پاڪستان جي قيام ۽ ملڪ جي سماجي، معاشي ترقي ۾ مسيحي برادري جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن اميد جو اظهار ڪيو ته مسيحي برادري پاڪستان جي خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندي رهندي.

Read Previous

ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اقليتن سميت سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: آصف زرداري

Read Next

چيني ڪمپنين طرفان ڪم بند ڪرڻ سان هزارين مزدور بيروزگار ٿي ويا

Most Popular