ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اقليتن سميت سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: آصف زرداري

اسلام آباد: (آچر: 31 مارچ 2024ع) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو آئين سمورن اقليتن جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو. ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اقليتن سميت سموري قوم کي ملي ڪم ڪرڻو پوندو.

ايسٽر جي موقعي تي مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏيندي صدر آصف علي زرداري چيو ته ايسٽر جو تهوار اميد، محبت ۽ خوشحالي جو پيغام آڻي ٿو. مسيحي برادري پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهي.

صدر آصف زرداري  چيو ته مسيحي ڀائر ۽ ڀينرون پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اڳيان وڌي حصو ورتو آهي. اسان پاڪستان جي ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار جي تعريف ڪريون ٿا.

صدر چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مذهبي آزادي سميت سمورا بنيادي سياسي سماجي ۽ معاشي حق حاصل آهن. پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ ان جي خوشحالي لاءِ قدم کڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي.

Read Previous

9 مئي ڪيس: آزادي ماڻيندڙ 13 پي ٽي آءِ ڪارڪن اڊيالا جيل ٻاهران ٻيهر گرفتار

Read Next

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري ايسٽر جو تهوار ملهائي رهي آهي

Most Popular