چيني ڪمپنين طرفان ڪم بند ڪرڻ سان هزارين مزدور بيروزگار ٿي ويا

اسلام آباد: (آچر: 31 مارچ 2024ع) چيني انجنيئرن تي حملي کان پوءِ داسو ڊيم سميت ٻين منصوبن تي ڪم بند ٿيڻ سان هزارين مزدور عيد کان اڳ بيروزگار ٿي ويا.

برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب تربيلا ڊيم جي توسيعي منصوبي داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ۽ ديا مير ڀاشا ڊيم تي چين جون مختلف ڪمپنيون ڪم ۾ مصروف هيون انهن هاڻ پنهنجو ڪم عارضي طور تي بند ڪري ڇڏيو آهي.

منصوبا بند ٿيڻ سان صرف داسو هائيڊرو پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ تقريبن ڇهه سئو مزدور بيروزگار ٿي ويا آهن جن ۾  گهڻي اڪثريت ڪوهستان جي مزدورن جي آهي.

داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي هڪ اهلڪار موجب داسو هائيڊرو اور پراجيڪٽ تي تقريبن پنج سئو پنچاهه چيني شهري مختلف خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن. انهي پراجيڪٽ تي سمورو ڪم چيني ڪمپني ئي ڪري رهي آهي.

ديا مير ڀاشا ڊيم جي هڪ اهلڪار موجب چين ۽ پاڪستان جي عسڪري ڪمپني ايف ڊبليو گڏيل طور تي ڪم ڪري رهي آهي. ديا مير ڀاشا ڊيم تي چار سئو چيني ڪم ڪري رهيا آهن جنهن پنهنجو ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي. ان سان گڏ 3 هزار مقامي ماڻهو به ڪم ڪري رهيا آهن ۽ هاڻ انهن کي به اهو چيو ويو آهي ته ڪم عارضي طور تي بند آهي.

تربيلا ڊيم جي پنجن توسيعي منصوبن تي به چين جي ڪمپني ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي. هتي به پندرنهن سئو مقامي ماڻهو ڪندا هئا جڏهن ته چين جو عملو هتي ڊيوٽي ڪندو هو.

Read Previous

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري ايسٽر جو تهوار ملهائي رهي آهي

Read Next

سڄي ملڪ ۾ لکين مسلمان اڄ اعتڪاف ۾ ويهڻ جي سعادت حاصل ڪندا

Most Popular