غوثپور ويجهو اغوا ٿيل ٽرڪ ڊرائيور جي بازيابي لاءِ وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

غوثپور (رپورٽر) غوثپور ويجهو اغوا ٿيل ٽرڪ ڊرائيور جي بازيابي لاءِ وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، غوثپور ويجهو گذريل رات اغوا ٿيل  ٽرڪ ڊرائيور جي بازيابي لاءِ وارثن  طرفان انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو

ضمير حسين بروهي جي وارثن پاران دڙي اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڌرڻي سبب چئني صوبن ڏانهن ايندڙ  ويندڙ ٽريفڪ معطل، روڊ جي ٻنھي پاسن  کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون

مظاهرين جو چوڻ هو ته گذريل رات ھٿياربند ڦر لٽ ڪرڻ بعد ضمير حسين بروھي کي اغوا ڪري ويا، پوليس ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي، گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي

ضمير حسين بروهي جي اغوا بعد مغوين جو انگ وڌي 19 ٿي ويو ، مغوين ۾ در محمد گولو، ذيشان  سھرياڻي، خالد ميراڻي، سھراب شيخ،  علي بھار ۽ ٻيا به شامل آهن

Read Previous

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊريڊ انڊيڪس پهريون ڀيرو 68 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري وئي

Read Next

ڪراچي ۾ راهه ويندڙ عورت کي هراسان ڪرڻ جو واقعو، جوابدار گرفتار

Most Popular