ڪراچي ۾ راهه ويندڙ عورت کي هراسان ڪرڻ جو واقعو، جوابدار گرفتار

ڪراچي جي پاڪ ڪالوني ۾ واٽهڙو عورت کي جنسي هراسمينٽ جو نشانو بڻائڻ جو واقعو پيش آيو، واقعي جي وڊيو به سامهون اچي وئي، جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو

وڊيو ۾ هڪ جنوني جوابدار راهه ويندڙ عورت کي پڪڙي ساڻس  فحش حرڪتون ڪندي نظر اچي ٿو،عورت جي دانهون ڪرڻ تي جوابدار فرار ٿي ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو 2 ڏينهن اڳ پيش آيو، مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، عورت پاران سڃاڻپ ڪرڻ بعد جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار عورت سان فحش حرڪتون ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي، سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ جوابدار ظاهر نظر اچي ٿو

Read Previous

غوثپور ويجهو اغوا ٿيل ٽرڪ ڊرائيور جي بازيابي لاءِ وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

Read Next

سانگهڙ ويجهو فوجي جوان عطاءُ الرحمان کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف، زال ملوث

Most Popular