پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊريڊ انڊيڪس پهريون ڀيرو 68 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري وئي

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊريڊ انڊيڪس پهريون ڀيرو 68 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري وئي

 اڄ صبح سان ئي ڪاروبار ۾ تيزي ڏسڻ لاءِ ملي، 4 سئو کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان انڊيڪس ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 68 هزار پوائنٽس کان وڌي وئي

 ماهرن موجب ڪاروبار ۾ تيزي جو سبب معاشي شعبي ۾ ٿيل اڳڀرايون آهن، رمضان ۾ عام طور ڪاروبار محدود ٿيندو آهي، پر آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿيڻ سبب ڪاروبار ۾ تيزي آئي آهي

 حڪومت جي معاشي سڌارن واري ايجنڊا سبب به سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو، عيد کانپوءِ وچ اوڀر جي ملڪن پاران سيڙپڪاري جي خبرن به مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان پيدا ڪيو

 پرڏيهي سيڙپڪارن پاران گذريل مهيني 8 ڪروڙ 40 لک ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪئي وئي، ان به مثبت رجحان کي هٿي ڏني

Read Previous

عدليه ۾ مداخلت: اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪئي، هاڻ سپريم ڪورٽ فيصلو ڪندي: وزيراعظم

Read Next

غوثپور ويجهو اغوا ٿيل ٽرڪ ڊرائيور جي بازيابي لاءِ وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

Most Popular