بلوچستان: نوشڪي ۾ نامعلوم هٿياربندن 9 مسافرن سميت 11 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪوئٽه: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي نوشڪي واري علائقي ۾ قومي شاهراهه 40 تي نامعلوم ماڻهن 2 واقعن دوران 9 مسافرن سميت 11 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. مارجي ويلن جو تعلق پنجاب سان ٻڌايو پيو وڃي. جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽ موجب ڊپٽي ڪمشنر نوشڪي حبيب الله موسيٰ خيل ٻڌايو ته هڪ درجن کان وڌيڪ نامعلوم ماڻهن قومي شاهراهه کي بند ڪري نه بيهڻ تي هڪ ڪار تي فائرنگ ڪئي.

فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽائر برسٽ ٿيڻ ٿيڻ سبب گاڏي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي ٿي پيا. گاڏي ڪلٽي ۽ فائرنگ سبب زخمي ٿيندڙ هڪ شخص بعد ۾ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

ٻئي واقعي ۾ هٿياربندن هڪ بس کي روڪيو، سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪرڻ کان پوءِ ان ۾ سوار 9 مسافرن کي لاهي اغوا ڪيو ۽ ويجهن پهاڙن طرف فرار ٿي ويو. جنهن کان پوءِ ڪجهه فاصلي تي هڪ پُل جي هٺيان اغوا ٿيل سمورن 9 مسافرن جا لاش مليا جن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته جوابدارن جي ڳولا لاءِ پوليس، ايف سي ۽ ٻئي سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف بس مسافرن جي اغوا کان پوءِ قتل جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مقتولن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن مقتولن جي لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي. وزيراعظم واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار خاندان سان گڏ آهيون. دهشتگردي ۾ ملوث ماڻهن کي سخت کان سخت سزا ڏني ويندي.

Read Previous

برساتن جي اڳڪٿي: سنڌ جي وڏي وزير ڪي ايم سي، ٽائونز کي انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

Read Next

ايران جا اسرائيل تي ڊرون حملا، فوجي اڏي کي نقصان

Most Popular