سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري نوڪرين تان پابندي ختم ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نوڪرين تان اسٽي آرڊر ختم ڪري ڇڏيو، عدالت صوبائي حڪومت کي سرڪاري نوڪريون ڏيڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي

سنڌ حڪومت کي مختلف کاتن ۾ گريڊ ھڪ کان 15 تائين سرڪاري نوڪريون ڏيڻ لاءِ قانوني طريقا اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته حڪومت کي انهن پوسٽن جي ضرورت آهي ته اها ٻيهر اشتهار ڏئي ۽ قانون موجب ڀرتيون ڪري

عدالت چيو ته  جيڪڏهن چونڊن کان اڳ ڀرتيون قانوني هيون ته پوءِ ڪيترن ئي ڊپٽي ڪمشنرن اهو ڪم ڪرڻ کان انڪار ڇو ڪيو؟

عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن معاشري کي سڌارڻو آهي ته هر ڪنهن کي پنهنجو حصو ڏيڻوپوندو، تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس پاس ڪندڙن کي ڏهن سالن کان نوڪريون نه مليون آهن

عدالت جو چوڻ هو ته نئين حڪومت ٺهي وئي آهي، نوڪريون شفاف طريقي سان ڏنيون وڃن ته ڪو اعتراض ناهي

عدالت ايم ڪيو ايم جي درخواست تي  آگسٽ 2023ع ۾ سرڪاري نوڪرين  تي پابندي جو حڪم جاري ڪيو هو

Read Previous

آصفه ڀٽو زرداري جي اين اي 207 تي بنا مقابلي ڪاميابي چئلينج

Read Next

سعودي عرب طرفان پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري جو اعلان

Most Popular