آصفه ڀٽو زرداري جي اين اي 207 تي بنا مقابلي ڪاميابي چئلينج

آصفه ڀٽو زرداري جي اين اي 207 تي بنا مقابلي ڪاميابي چئلينج، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اين اي 207 تي پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا اميدوار غلام مصطفيٰ رند درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

 درخواست ۾ آصفه ڀٽو زرداري سميت اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو، آصفه ڀٽو  جي ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن  ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي

 درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته  اين اي 207 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ کان اڳ ڪوڙي بل ذريعي منهنجا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا، رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو آھي

درخواستگذار موجب اميد ته نامزدگي فارم بحال ٿيندو، اين اي 207 تي ٻيھر اليڪشن ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي

Read Previous

ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ جيڪي هٿيار آهن، اهي جنگ ۾ استعمال ٿيندا آهن: ضياءُ لنجار

Read Next

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري نوڪرين تان پابندي ختم ڪري ڇڏي

Most Popular