سعودي عرب طرفان پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري جو اعلان

سعودي عرب طرفان پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري جو اعلان، سعودي پرڏيهي وزير وفد سان گڏ سڀاڻي پاڪستان پهچندو

 سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستان آمد تي معاهدن کي حتمي شڪل ڏني ويندي،پرڏيهي وزير جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي سعودي وفد سڀاڻي اسلام آباد پهچندو

 جتي سعودي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جو جائزو ورتو ويندو، ذريعن موجب سعودي وفد جي قيادت سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان السعود ڪندو

 جڏهن ته وفد ۾ مختلف کاتن جا وزير، سعودي سيڙپڪار ۽ معاشي ماهر شامل هوندا، سعودي وفد 5 ارب ڊالر جي مائننگ ۽ سياحت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ روڊ ميپ طئي ڪرڻ لاءِ ملاقاتون ڪندو، جنهن ۾ ريڪوڊڪ، ديا مير ڀاشا ڊيم ۽ آئل ريفائنريز  شامل آهن

Read Previous

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري نوڪرين تان پابندي ختم ڪري ڇڏي

Read Next

شڪارپور ۾ زيرو پوائنٽ وٽ سوين ماڻهن جو مغوين جي آزادي لاءِ ڌرڻو

Most Popular