شڪارپور ۾ زيرو پوائنٽ وٽ سوين ماڻهن جو مغوين جي آزادي لاءِ ڌرڻو

شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ۾ زيرو پوائنٽ وٽ مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻو جاري، شڪارپور زيرو پوائنٽ وٽ مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻو ڪيترن ئي ڪلاڪن کان جاري آهي

پهوڙ، سومرا ۽ لاشاري برادرين پاران  مغوين جي بازيابي لاءِ هنيل ڌرڻي  سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڌرڻي واري هنڌ پهتل ڊي ايس پي  خدا بخش پنهور ۽ مظاهرين  ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون

مظاهرين جو چوڻ آهي ته ضلعي جا 11 مغوي ڌاڙيلن وٽ قيد آھن، ايس ايس پي ملڻ لاءِ تيار ڪونھي

ڌرڻي سبب پنجاب، بلوچستان توڙي شڪارپور، سکر ۽ جيڪب آباد ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مسافر سخت پريشانين ۾ وٺجي ويا

ٻئي پاسي شڪارپور زيرو پوائنٽ وٽ مغوين جي آزادي لاءِ لڳل ڌرڻي سبب صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ شڪارپور نه پهچي سگهيا

Read Previous

سعودي عرب طرفان پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري جو اعلان

Read Next

عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل سستو : پاڪستان ۾ پيٽرول ساڍا 4 ۽ ڊيزل 8 رپيا في ليٽر مهانگو

Most Popular