ڪراچي: (اڱارو: 23 اپريل 2024ع) ايراني صدر ابراهيم رئيسي لاهور کان ڪراچي ويندو، پرڏيهي مهمان جي دوري کي نظر ۾ رکندي موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس بند ٿيڻ جو امڪان آهي.
نجي ٽي وي موجب ايراني صدر جي دوري جي موقعي تي ڪراچي ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.
شهر جي سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس بند ٿيڻ جو امڪان آهي. پر ان جي باري ۾ اڃان تائين ڪوبه حتمي فيصلو نه ڪيو ويو آهي.
ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي ڪراچي پهچڻ تي موقعي تي اڄ ڪراچي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ اهم روڊن کي بند ڪيو ويو آهي.