غزه جي معاملي تي پاڪستان جي اصولي موقف جي واکاڻ ڪيون ٿا: ابراهيم رئيسي

ايران جي صدر ابراهيم رئيسي لاهور جي دوري دوران ڳالهائيندي چيو ته اسرائيل خلاف جنگ ۾ فلسطيني ڪامياب ٿيندا، غزه جي معاملي تي پاڪستان جي اصولي موقف جي واکاڻ ڪيون ٿا

ايراني صدر جي لاهور پهچڻ تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ ٻين سندس پرجوش آجيان ڪئي، ايراني صدر ابراهيم رئيسي مزار اقبال تي حاضري ڀري گلن  جي چادر به چاڙهي

ابراهيم رئيسي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ عوامي جلسو ڪرڻ جي خواهش هئي، پاڪستان جو عوام جذباتي ۽ مذهبي آهي، پاڪ ايران دوستي هماليه پهاڙ کان به اوچي آهي

جڏهن ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي لاهور جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد سنڌ جي مختصر دوري تي اڄ ڪراچي پهچندو، ڪراچي ۾ ايراني صدر جي آجيان لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن

 ايراني صدر جو خصوصي جهاز فيصل ايئر بيس تي لينڊ ڪندو، ايراني صدر پاران سنڌ جي وڏي وزير، گورنر ۽ ٻين سان ملاقاتن جا امڪان آهن ايراني صدر جي دوري جي موقعي تي اڄ ڪراچي ۾ عام موڪل آهي

 ايراني صدر جي آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي سببن جي ڪري ٽريفڪ پلان ۾ تبديلي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ احمد نواز موجب شاهراهه فيصل جي ٻنهي ٽريڪس کي منجهند 3 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بند رکيو ويندو، ايئرپورٽ کان پي آءِ ڊي سي تائين روڊ مڪمل طور بند هوندو

 شاهراهه قائدين ۽ ڊاڪٽر ضياءَ الدين روڊ به ٽريفڪ لاءِ بند هوندو، ايم اي جناح روڊ جا به ٻئي ٽريڪس گرو مندر کان گارڊن چوڪ تائين بند هوندا، شهرين کي متبادل رستا استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي

Read Previous

سنگرار واري علائقي مان اغوا ٿيل پريا ڪماري جو ڪيس سکر کان نوابشاهه منتقل

Read Next

ايراني صدر جو دورو: ڪراچي ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس بند ٿيڻ جو امڪان

Most Popular