عمران خان هلندڙ مهيني جي آخر تائين جيل کان ٻاهر اچي ويندو: اسد قيصر

مانچسٽر: (اڱارو: 23 اپريل 2024ع) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني هلندڙ مهيني جي آخر تائين جيل کان ٻاهر اچي ويندا.

مانچسٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد قيصر چيو ته چونڊن جي دوران اسان کي جلسا نه ڪرڻ نه ڏنا پيا ان کان علاوه اسان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي به گرفتار ڪيو ويو.

هن چيو ته پي ٽي آءِ باني ڪوبه سمجهوتو نه ڪندو ۽ نه ئي وري ڪنهن جي دٻاءُ ۾ ايندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پي ٽي آءِ باني هلندڙ مهيني جي آخر تائين آزاد ٿي ويندو.

ياد رهي ته چار ڏينهن اڳ تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر به پي ٽي آءِ باني جي آزادي جي حوالي سان چيو هو ته عمران خان جي خلاف ڪوڙا ڪيس قائم ڪيا ويا آهن جيڪي جلد عدالتن  مان ختم ٿي ويندا جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ باني عوام جي وچ ۾ هوندو.

Read Previous

ايراني صدر جو دورو: ڪراچي ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس بند ٿيڻ جو امڪان

Read Next

پاڪستان ۽ ايران پاران دهشتگرد تنظيمن تي پابندي لڳائڻ جو اصولي فيصلو

Most Popular