پاڪستان ۽ ايران پاران دهشتگرد تنظيمن تي پابندي لڳائڻ جو اصولي فيصلو

پاڪستان ۽ ايران پاران دهشتگرد تنظيمن تي پابندي لڳائڻ جو اصولي فيصلو، ايراني صدر سان گڏ پاڪستان پهتل ايراني گهرو وزير ڊاڪٽر احمد وحيدي ۽ قانون واري وزير امين حسين رحيمي جي پاڪستان جي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات دوران دهشتگرد تنظيمن تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو

ملاقات دوران ٻنهي ڌرين پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ دهشتگرد تنظيمن تي پابندي لڳائڻ تي اتفاق ڪيو، ڳالهين دوران دهشتگرديءَ جي خطري کي گڏجي منهن ڏيڻ لاءِ ٻطرفي سهڪار ۽ انٽيليجنس معلومات جي مٽا سٽا تي به اتفاق ڪيو ويو

ايران پاران اربعين جي موقعي تي پاڪستاني پانڌيئڙن کي ايران ۾ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي وئي، ايران جي گهرو وزير پاڪستاني هم منصب کي ايران جو دورو ڪرڻ جي دعوت به ڏني

Read Previous

عمران خان هلندڙ مهيني جي آخر تائين جيل کان ٻاهر اچي ويندو: اسد قيصر

Read Next

جنگشاهي پوليس جي مبينا تشدد ۾ مارجي ويل نوجوان جو ڪيس داخل

Most Popular