نئين دهلي (شوبز نيوز) ڀارت ۾ ڇتي گرمي سبب نيوز اينڪر هيٽ ويو جي خبر پڙهندي بي هوش ٿي وئي.ان ڏس ۾ ڀارت جي مختلف علائقن ۾ اڄڪلهه سخت گرمي آهي، جتي هيٽ ويو جي ڪري گرمي پد 46 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهتو آهي
گذريل ڏينن سخت گرمي دوران خبرون پڙهندي نيوز اينڪر بيهوش ٿي وئي، جنهن کي بعد ۾هوش ۾ آندو ويو. نيوز اينڪر هوش ۾ اچڻ بعد پنهنجي اها وڊيو سوشل ميديا تي اپلوڊ ڪئي، جنهن تي ماڻهن دلچسپ تبصرا به ڪيا
نيوز اينڪر جو چوڻ هو ته 21 سالن جي ڪيريئر ۾ ڪڏهن ايڏي گرمي ناهي ٿي جو پاڻ سان گڏ پاڻي جي بوتل به نه رکي آهي، هن چيو ته اڄ خبرون پڙهندي آواز دٻجي ويو، بليٽن مڪمل ڪرڻ چاهيم پر اکين آڏو اونداهي ٿي وئي. ۽ آئون پنهنجي ڪرسيءَ تي ڪري پيس.