آمريڪا، ايران سان واپاري معاهدن تي پابندين جي خطري کان آگاهه رهڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ايران سان واپاري معاهدن تي غور ڪرڻ وارن کي پابندين جي امڪاني خطري کان آگاهه رهڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته ايران سان واپاري معاهدن سبب پابندين جو خطرو ٿي سگهي ٿو.
واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پاڪ-ايران واپاري معاهدن بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان خلاف آمريڪا امڪاني پابندين جو جائزو نه پيو وٺي.
ترجمان چيو ته آمريڪا، پاڪستان جي سڀ کان وڏين برآمدي مارڪيٽن مان هڪ ۽ گذريل ويهه ورهين کان سڀ کان وڏو سيڙپڪار آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي اقتصادي ڪاميابي ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، آمريڪا پنهنجي ڀائيواري جاري رکڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي.

Read Previous

ڀارت ۾ ڇتي گرمي: اينڪر هيٽ ويو جي خبر پڙهندي بيهوش

Read Next

اڳوڻي سفير جو پاڪ_ايران لاڳاپن ۽ آمريڪي مفاد بابت اهم بيان

Most Popular