شيخ رشيد جا بلو راني وارا لفظ ايف آءِ آر ۾ ڪٿي لکيل آهن: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: (اربع: 24 اپريل 2024ع) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شيخ رشيد احمد جي خلاف ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

اسلام  آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شيخ رشيد جي خلاف هڪ ئي الزام تي سنڌ، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ داخل ڪيسن جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.  جنهن ۾ پوليس رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. اسٽيٽ ڪونسل موچڪو ٿاڻي ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر پڙهي ٻڌائي.

جسٽس طارق محمود جهانگيري پڇاڻو ڪيو ته اهي بلو راني وارا لفظ ايف آءِ آر ۾ ڪٿي لکيل آهن؟ ان ۾ مدعي ڪير آهي، ايف آءِ آر ۾ بلو راني ۽ ٻيا لفظ ته آهن ئي ڪونه. بس اهو ئي لکيل آهي ته بلاول ڀٽو جي خلاف ڪڌا ۽ غلط لفظ لڳايا ويا. جيڪي لفظ رپورٽ ۾ ٻڌايا ويا اهي ته ايف آءِ آر ۾ آهن ڪونه. آءِ جي سنڌ ۽ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ ڪٿان اهي لفظ ورتا. جاچ آفيسر ٻڌائي اهي بلو راني وارا لفظ ڪٿي آهن ثابت ڪريو ته غير اخلاقي ڇا آهي. ايف آءِ آر ۽ 161 ٻڌايو. هي واقعو ئي اسلام آباد ۾ ٿيو آهي، بيان هتي ڏنو. ڪيس ڪراچي ۾ ويو؟ بينظير ڀٽو راولپنڊي ۾ شهيد ٿي، ڪراچي ۾ ڪيس داخل ٿيندو ڇا؟

جاچ آفيسر ٻڌايو ته يو ايس بي موجود آهي، يو ٽيوب تي وڊيو موجود آهي، 9 لک کان وڌيڪ ويوز آهن  جنهن کان پوءِ عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو. ياد رهي ته شيخ رشيد احمد موچڪو ٿاڻو، لسبيله ۽ اسلام آباد ۾ پنهنجي مٿان داخل ڪيسن کي ختم ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري رکي آهي.

Read Previous

سائفر ڪيس ۾ عمران خان کي سزا ٻڌائيندڙ جج کي واپس لاهور هاءِ ڪورٽ اماڻڻ جو فيصلو

Read Next

ڄامشورو: کير سان ڀريل سوزڪي ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، 2 نوجوان فوت

Most Popular