سائفر ڪيس ۾ عمران خان کي سزا ٻڌائيندڙ جج کي واپس لاهور هاءِ ڪورٽ اماڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (اربع: 24 اپريل 2024ع) سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي سزا ٻڌائيندڙ خصوصي عدالت جي  جج بابت اهم فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جج ابوالحسنات ذوالقرنين کي پنهنجي لاڳاپيل ڊپارٽمينٽ ۾ واپس اماڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب خصوصي عدالتن جي انسپيڪشن جج جسٽس محسن اختر ڪياني چيف جسٽس کي سفارش ڪئي آهي ته جج ابوالحسنات ذوالقرنين جون خدمتون لاهور هاءِ ڪورٽ کي واپس ڪيون وڃن.

ياد رهي ته خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات سائفر ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

Read Previous

لکي مروت: شادي جي تقريب ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 6 ڄڻا مارجي ويا

Read Next

شيخ رشيد جا بلو راني وارا لفظ ايف آءِ آر ۾ ڪٿي لکيل آهن: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

Most Popular