ڄامشورو: کير سان ڀريل سوزڪي ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، 2 نوجوان فوت

ڄامشورو:(رپورٽر) ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي حد چانور گدامن ڀرسان حيدرآباد ٺٽو روڊ قومي شاهراھ تي افسوسناڪ روڊ حادثو پيش آيو جنهن ۾ کير سان ڀريل سوزڪي ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪوٽڙي واسي سوزڪي سوار 2 نوجوان ڊائيور وحيد علي کوسو ۽ اظھار ٻگهيو ٿڏي تي فوت ٿي ويا.

فوتين جا لاش ڊسٽرڪٽ هيڊڪواٽر اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪيا ويا جتي فوتين جي وارثن کي اسپتال انتظاما ايمولينس ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ فوتي جي وارثن پاران اسپتال انتظاميه خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان ڳوٺ قاسم شورو خان کير کڻي چانور گدام اچي رهيا هئا ته سوزڪي ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻآ فوت ٿي ويا.

Read Previous

شيخ رشيد جا بلو راني وارا لفظ ايف آءِ آر ۾ ڪٿي لکيل آهن: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

Read Next

آمريڪا هڪ دفعو ٻيهر ايران سان واپار ڪندڙ ملڪن کي خبردار ڪري ڇڏيو

Most Popular