ڪنڌڪوٽ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ اڇا جهنڊا کڻي ريلي ڪڍي وئي

ڪنڌڪوٽ: (جمعو: 26 اپريل 2024ع) ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ٿيڻ ۽ امن امان جي بحالي لاءِ شھري روڊن تي نڪري اڇا جهنڊا کڻي ريلي ڪڍي وئي.

ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ امن کپي تحريڪ طرفان امن مارچ جي اڳواڻن غلام مصطفيٰ ميراڻي، ظريت بجاراڻي، حافظ نصر الله چنا، مير منظور احمد کوسو، اڪرم باجڪاڻي، دلمراد ڏاھاڻي، سجاد بروھي، بشير احمد ميراڻي، ڊاڪٽر سريش آنند، ديوان لال، عبدالعزيز سومرو، اشوڪ ڪمار ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

امن بحالي تحريڪ پاران ڊي سي آفيس کان  پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو وڏو انگ ريلي ۾ شريڪ آهي، امن ڪرايو، ڌاڙيل راڄ جو ختم ڪريو ۽ ٻيا نعرا هنيا ويا.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته ضلعي ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪيل آهي، اغوا ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن، سنڌ حڪومت امن امان جي بحالي ۽ مغوين  جي بازيابي لاءِ سنجيده قدم کڻي.

Read Previous

ن ليگ اجلاس، نواز شريف کي ٻيهر پارٽي صدارت سنڀالڻ جي درخواست

Read Next

ٽيڪس چورن ۽ منشيات فروشن جو گھيرو تنگ، ٽيڪس چورن جا نالا اخبارن ۾ شايع ٿيندا

Most Popular