ٽيڪس چورن ۽ منشيات فروشن جو گھيرو تنگ، ٽيڪس چورن جا نالا اخبارن ۾ شايع ٿيندا

سنڌ سرڪار ٽيڪس چورن ۽ منشيات فروشن جو گھيرو تنگ ڪرڻ ۽ ٽيڪس چورن جا نالا اخبارن ۾ شايع ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي

ڪراچي ۾ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايڪسائز ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي سيڪريٽري سليم راجپوت، ڊي جي اورنگزيب پنھور، ڊائريڪٽرز ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ ڳالھائيندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ٽيڪس چور ملڪي خوشحالي جا دشمن آھن، کين ڪنھن بھ صورت ۾ بخش نھ ڪيو ويندو، ٽيڪس چورن جا نالا اخبارن ۾ شايع ڪيا ويندا، سندن اڪائونٽ فريز  ڪرڻ لاءِ بھ قدم کنيا ويندا

اجلاس ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ صوبي ۾ منشيات فروشن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون کي ساراھيو ۽ ڪريڪ ڊائون ۾ بھترين ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪندڙ آفيسرن جي تعريف ڪندي ڪريڪ ڊائون ۾ تيزي آڻڻ جون ھدايتون ڏنيون

شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ منشيات فروش ملڪ ۽ قوم جي مستقبل جا دشمن آھن، ساڻن ڪنھن بھ قسم جي نرمي جو مظاھرو نھ ڪيو ويندو، زيرو ٽالرنس پاليسي تحت سڄي صوبي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون جاري رکيون وينديون

ھن چيو تھ منشيات فروشن ۽ ٽيڪس چورن خلاف ڪارروائين لاءِ پوليس جي قابل آفيسرن ۽ جوانن کي ڊيپوٽيشن تي ايڪسائز کاتي ۾ آندو ويندو، ابتدائي طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پوليس آفيسر ڊيپوٽيشن تي ايڪسائز کاتي ۾ آندا ويندا

ھن چيو تھ منشيات خلاف ڪاررايون وڌيڪ تيز ڪرڻيون آھن، لاڳاپيل ادارا ھر وقت سھڪار ڪندا. ھن لاڳاپيل اختيارين کي ھدايتون ڏنيون تھ منشيات فروشن خلاف پراسيڪيوشن ۽ انويسٽيگيشن واري نظام کي مضبوط ڪيو وڃي

اجلاس ۾ بھترين ڪارڪردگي وارن آفيسرن ۽ مخبرن کي انعام ڏيڻ جو بھ فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ گاڏين جي رجسٽريشن ۽ منتقلي بايو ميٽريڪ تحت ڪرڻ جي تجويز بھ ڏني وئي. اجلاس ۾ ايڪسائز کاتي سان لاڳاپيل سمورن اسٽيڪ ھولڊرز جي شڪايتن جي ازالي لاءِ قدم کڻڻ جو بھ فيصلو ڪيو ويو

Read Previous

ڪنڌڪوٽ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ اڇا جهنڊا کڻي ريلي ڪڍي وئي

Read Next

وومين ايڪشن فورم گرلس ڪاليج هالا ۾ خديجه ميمڻ جي خودڪشي واري واقعي تي افسوس جو اظھار

Most Popular