وومين ايڪشن فورم گرلس ڪاليج هالا ۾ خديجه ميمڻ جي خودڪشي واري واقعي تي افسوس جو اظھار

حيدرآباد: (رپورٽ: اسلم گوپانگ) وومين ايڪشن فورم پاران  گرلس ڪاليج هالا ۾ معذور ڪوٽا تحت  ڀرتي ٿيل  ليب اسسٽنٽ ملازم خديجه ميمڻ جي خودڪشي واري واقعي تي گھڻي افسوس ۽ تشويش جو اظھار ڪيو ويو آھي.

گرلس ڪاليج هالا جي نئي ڀرتي ٿيل ملازم ليب اَٽيندينت خديجہ ميمڻ کي معذور ڪوٽا تحت ايجوڪيشن ڊپارمينٽ گرلس ڪاليج هالا ۾ ليب اَٽيندينٽ (بي پي ايس 2) جي ملازمت ڏني وئي هئي، خديجه ميمڻ، گرلس ڪاليج هالا جي انتظاميه پاران، ھراس ڪرڻ، تذليل آميز خراب رويي ۽ ذھني اذيت جي شڪايت ڪئي. ھن جي جوائنگ کي گهرجي. ڏينھن گذريا تہ 18 اپريل تي سندس خودڪشي جي خبر سامھون آئي. خودڪشي وقت ھن پويان جيڪا لکت ڇڏي  ان ۾ ھن ڪاليج انتظاميه جي روئيي جي شڪايت ڪندي ان کي پنھنجي خودڪشي جو ذميوار بنايو.

وومين ايڪشن فورم پاران مقامي ماڻھن، پوليس ۽ خديجه جي گھر ڀاتين سان رابطه ڪري خودڪشي جا سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.

وومين ايڪشن فورم جي مشاھدي مطابق:

*خديجہ جي خودڪشي جو  ھيل تائين وارثن پاران ڪو بہ ڪيس درج نہ ڪيو ويو آھي.

* وارثن خديجه جي لاش واہ مان ھٿ اچڻ کانپوءِ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان سواءِ تدفين ڪري ڇڏي.

*خديجه پنھنجي گھر جي اڪيلي ڪفيل ھئي.

*خديجه ڪجھ افيسرن کي ڪاليج اندر ٿيندڙ ھراسمينٽ بابت شڪايتون ڪيون ھيون.

*خديجه قابل استاد ھئي ۽ مختلف پرائيوٽ  تعليمي ادارن ۾ تدريس ۽ انتظاميه جي عھدن تي ڪم ڪري چڪي ھئي، ان ڪري کيس اسٽسٽنٽ جي نوڪري ڪرڻ  تي شايد وقت اسٽاف جي روئيي کن شڪايت ھئي پر سماجي طور تي پڻ گھٽ گريڊ واري ملازمن سان گھٽ درجي جو سلوڪ ڪيو وڃي تو جيڪو صرف ان ڪاليج ۾ نه پر  عام طور تي سڀني ادارن توڙي اھا شڪايت عام آھي.

وومنز يڪشن فورم سمجھي ٿي ته ڪاليجن سان گڏ  عام ادارن م پڻ اسٽاف جو پٽيوالن يا گھٽ گريڊ جي  ملازمن سان سان سلوڪ مالڪاڻو ھوندو آھي جيڪو پڻ ڪنھن حساس انسان جي عزت نفس کي تڪليف پھچائي سگھي ٿو.

*خديجہ گھر جي معاشي مجبورين جي ڪري گورنمنٽ جي نوڪري شروع ڪئي ۽ پنھجي قابليت ۽ اھليت جي ابتڙ ڪم ملڻ کي ذھني طور تي قبول نه ڪيو.جنھن جي ڪري پريشان ھئي.

خديجہ جي خودڪشي جي واقعي جي محڪماتي جاچ لاءِ 4 رڪني ڪاميٽي ٺاھي ويئي آھي، جيڪا انڪوائري ڪندي پر وومنز ايڪشن فورم ادارتي سطح کان مٿي جي انڪوائري جي گھر ڪري ٿي جيڪا ڪاليج اندر موجود اھڙي منفي روئئي جي نشاندھي ڪري سگھي.

ڪوبه ڪرمنل ڪيس درج نہ ٿيڻ جي ڪري پوليس پاران ڪابه تفتيش نه ٿي آھي.

*وومين ايڪشن فورم  جي ڄاڻ مطابق تعليمي ادارن ۾ ھراسمنيٽ جو ٿيڻ عام آھي. ان کان انڪار نٿو ڪري سگھجي.

خديجه جي واقعي جو تفصيلي جائزو وٺن کان پوءِ مطالبو ڪيو ٿو وڃي:

1) ھراسمينٽ ايٽ ورڪ پليس جي قانون مطابق، خديجه ميمڻ سان ٿيل ھراسمينٽ ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪيل خودڪشيءَ جو ڪيس درج ڪرائي پوليس پاران مڪمل تفتيش ڪئي وڃي.

2) تعليم کاتي پاران ٺاھيل ڪميٽيءَ ۾ سڀ تعليم کاتي جا اعلي عھدن تي فائز ملازم رکيا ويا آھن ان ڪري معاملي جي شفاف انڪوائري تي  سوال اٿي سگھن ٿا .

3) خديجه سان ٿيل ھراسمينٽ جي جاچ، انساني حقن، عورتن جي حقن سان سلھاڙيل ۽ ھراسمينٽ جي قانون جي ڄاڻ رکندڙ ڌرين پاران پڻ ٿيڻ گھرجي.

4) وومين ايڪشن فورم پاران پر زور مطالبو ڪيو ٿو وڃي ته جلد از جلد قانون مطابق تعليمي ادارن ۾ ھراسمينٽ جون ڪميٽيون ٺاھيون وڃن.

خديجه تعليم يافته ۽ ھمٿ رکندڙ ڇوڪري ھئي جنھن پنھجي جسماني ڪمزورين جي باوجود گھر جي معاشي بار کنيو پئي.

ان ڪري سندس خودڪشي جي معاملي تي گھڻ رخي ۽ مڪمل تفتيش ٿيڻ گھرجي تہ جيئن آئيندہ اھڙن واقعن جي رستا روڪ ٿي سگھي.

Read Previous

ٽيڪس چورن ۽ منشيات فروشن جو گھيرو تنگ، ٽيڪس چورن جا نالا اخبارن ۾ شايع ٿيندا

Read Next

همايون ويجهو هٿياربندن جي حملي ۾ 2 عورتون ۽ هڪ مرد قتل

Most Popular