چلاس ويجهو مسافر بس کاهيءَ ۾ ڪري پوڻ سبب 20 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي زخمي ٿي پيا
راولپنڊي کان هنزه ويندڙ بس يشڪول داس جي علائقي ۾ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کاهيءَ ۾ ڪري پئي، 20 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا
پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن پاران ريسڪيو آپريشن شروع ڪندي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران روڊ حادثي ۾ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار، فوتي مسافرن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ويو