متحده پبلڪ اڪائونٽس، تعليم،صحت، بلديات سميت ٻين 13 ڪميٽيز جي چيئرمين شپ گهري ورتي

متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم پاڪستان ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي چيئرمين شپ ۽ سنڌ اسيمبلي جي 13 اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چيئرمين شپ گهري ورتي

متحده جن ڪميٽيز جي چيئرمين شپ گهري آهي اُنهن ۾ تعليم، صحت، گهرو، ناڻي ۽ لوڪل گورنمينٽ شامل آهن، متحده مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ اسيمبليءَ جي 13 اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چيئرمين شپ ڏني وڃي

ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر قادر شاهه ۽ سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سان ملاقات ڪئي

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي، افتخار عالم ۽ جمال احمد شامل هئا.

ايم ڪيو ايم ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

ايم ڪيو ايم پاڪستان مطالبو ڪيو آهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ ۽ سنڌ اسيمبلي جي 13 اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چيئرمين شپ ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ڏني وڃي

ذريعن موجب ايم ڪيو ايم اسٽينڊنگ ڪميٽي جي گهرو، تعليم، صحت، خزاني، صنعت ۽ بلديات کي پنهنجي ترجيحن ۾ رکيو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ قيادت سان صلاح مشوري کانپوءِ ان معاملي تي جواب ڏيڻ جو چيو آهي

Read Previous

دير سان اسڪول اچڻ تي ماسترياڻيءَ کي ٻارن وانگر ڪٽڪو

Read Next

ميٽرو بس تي ڪم ڪندڙ 50 ملازمن کي نوڪرين مان هٽايو ويو

Most Popular