ميٽرو بس تي ڪم ڪندڙ 50 ملازمن کي نوڪرين مان هٽايو ويو

لاهور: (اربع: 08 مئي 2024ع) ميٽرو بس تي ڪم ڪندڙ ملازمن جو استحصال ٿيڻ لڳو، نجي ڪمپني معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪري ڇڏيو.

ميٽرو بس جون برقي ڏاڪڻون فعال رکڻ جي لاءِ نجي ڪمپني ميرين لميٽيڊ کي ٺيڪو ڏنو ويو هو. معاهدي موجب نجي ڪمپني هر اسٽيشن تي 2 ملازم مقرر ڪيا هئا، معاهدي جي شروعات تي ميرين لميٽيڊ هر ميٽرو اسٽيشن تي ملازم مقرر ڪيا، مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي به نجي ڪمپني طرفان 50 ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو هو.

نجي ڪمپنين طرفان بنا ڪنهن نوٽيس جي ملازمن کي نوڪرين تان ڪڍيو ويو. معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي پنج اسٽيشنن جي برقي ڏاڪڻن تي هڪ ملازم مقرر ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته نجي ڪمپني ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کان سمورن ملازمن جي پگهار ورتي پئي وڃي، نجي ڪمپني طرفان ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍي پاڻ پئسا هڙپ ڪيا پيا وڃن.

Read Previous

متحده پبلڪ اڪائونٽس، تعليم،صحت، بلديات سميت ٻين 13 ڪميٽيز جي چيئرمين شپ گهري ورتي

Read Next

بجلي جي قيمت ۾ 2 روپيه 83 پئسا في يونٽ اضافو، نوٽيفڪيشن جاري

Most Popular