بجلي جي قيمت ۾ 2 روپيه 83 پئسا في يونٽ اضافو، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: (اربع: 08 مئي 2024ع) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) مهانگائي جي ماريل عوام تي بجلي بم ڪيرائيندي بجلي وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي آهي.

نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي قيمت ۾ 2 روپيه 83  پئسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو آهي، بجلي جي قيمتن ۾ اضافو مارچ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ هڪ مهيني جي لاءِ ڪيو ويو آهي.

بجلي جي قيمتن ۾ اضافو هلندڙ مهيني جي بجلي جي بلن تي هوندو. قيمتن ۾ اضافو لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي نه هوندو.

بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي درخواست سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ڏني هئي جنهن کان پوءِ نيپرا واڌ جو اعلان ڪيو آهي.

ياد رهي ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ سان صارفين تي 26 ارب روپين جو اضافي بار پوندو.

Read Previous

ميٽرو بس تي ڪم ڪندڙ 50 ملازمن کي نوڪرين مان هٽايو ويو

Read Next

عارف علوي دهشتگردي جي انت واري عدالت پهچي ويو، شاهه محمود قريشي، ياسمين راشد سان ملاقات

Most Popular