اسلام آباد: (اربع: 08 مئي 2024ع) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) مهانگائي جي ماريل عوام تي بجلي بم ڪيرائيندي بجلي وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي آهي.
نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي قيمت ۾ 2 روپيه 83 پئسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو آهي، بجلي جي قيمتن ۾ اضافو مارچ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ هڪ مهيني جي لاءِ ڪيو ويو آهي.
بجلي جي قيمتن ۾ اضافو هلندڙ مهيني جي بجلي جي بلن تي هوندو. قيمتن ۾ اضافو لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي نه هوندو.
بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي درخواست سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ڏني هئي جنهن کان پوءِ نيپرا واڌ جو اعلان ڪيو آهي.
ياد رهي ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ سان صارفين تي 26 ارب روپين جو اضافي بار پوندو.