اي ايس پي شهر بانو گهرو وزير محسن نقوي جي پرسنل سيڪيورٽي آفيسر مقرر

اسلام آباد: (اربع: 29 مئي2024ع) اي ايس پي شهربانو وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي پرسنل سيڪيورٽي آفيسر مقرر ڪئي وئي آهي.

گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، شهر بانو نقوي، محسن نقوي جي پي ايس او طور فرض انجام ڏيندي.

شهر بانو ان کان اڳ اينٽيليجنس بيورو جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور به خدمتون انجام ڏئي چڪي آهي، هن 2019ع ۾ سي ايس ايس پاس ڪري پبلڪ مئنيجمينٽ ۾ ڪم شروع ڪيو هو.

ان کانسواءِ نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اي ايس پي شاهه رخ خان کي گهرو وزير جو اسسٽنٽ چيف سيڪيورٽي آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.

Read Previous

ملڪ ۾ قهر جي گرمي، ڪيترن ئي شهرن ۾ پارو 50 ڊگري کان مٿي هليو ويو

Read Next

ملڪ ۾ سون چوٽ چڙهي ويو، اڄ به سوين رپيا مهانگو

Most Popular