ملڪ ۾ سون چوٽ چڙهي ويو، اڄ به سوين رپيا مهانگو

ڪراچي: (اربع: 29 مئي2024ع) پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 2400 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 42 هزار 700 رپين جو ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت2058 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 80 هزار 76 رپيا آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 13 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2352 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

Read Previous

اي ايس پي شهر بانو گهرو وزير محسن نقوي جي پرسنل سيڪيورٽي آفيسر مقرر

Read Next

انٽر بئنڪ ۾ ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي ويو

Most Popular