ملڪ ۾ قهر جي گرمي، ڪيترن ئي شهرن ۾ پارو 50 ڊگري کان مٿي هليو ويو

ڪراچي: (اربع: 29 مئي2024ع) سموري ملڪ ۾ سخت گرميءَ جي لهر جاري آهي، اڄ به ڪيترن ئي شهرن ۾ پارو 50 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي هليو ويو.

اڄ جيڪب آباد  ۽ دادو ۾ گرمي پد 51، نواب شاهه، سکر ۽ سبي ۾ 50 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو.

بهاول پور ۾ پارو 49 ڊگري سينٽي گريڊ، ملتان ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ 48 ڊگري، تربت، فيصل آباد، سرگوڌا ۾ 47، حيدرآباد ۾ 47، بنون ۾ 45 ۽ پشاور ۾ گرمي پد 40 ڊگري تائين پهچي ويو.

لاهور ۾ 42 ڊگري گرمي 46 ڊگري تائين محسوس ٿي رهي آهي، ڪراچي ۾ به هيٽ ويو جي لهر جاري آهي، جتي 41 ڊگري جي گرمي 45 ڊگري تائين محسوس ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته بلوچستان جي ڏاکڻن ضلعن ۾ به هيٽ ويو جو خدشو آهي.

ملڪ ۾ گرميءَ جي لهر سبب شهري پريشان آهن، ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، ڪيئي علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.

طبي ماهرن طرفان ضروري ڪم کانسواءِ اُس ۾ نه نڪرڻ، پاڻي ۽ شربتن جي وڌيڪ واهپي جو مشورو ڏنو ويو آهي.

Read Previous

ڪراچي جي علائقي سولجر بازار ۾ گهر اندر سلينڊر جو ڌماڪو

Read Next

اي ايس پي شهر بانو گهرو وزير محسن نقوي جي پرسنل سيڪيورٽي آفيسر مقرر

Most Popular