گريڊ 1 کان 15 تائين جون سرڪاري نوڪريون ڪراچي جي مقامي ماڻهن کي ملڻ گهرجن: ايم ڪيو ايم

ڪراچي: (بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته گريڊ هڪ کان 15 تائين جون سرڪاري نوڪريون مقامي ماڻهن کي ملڻ گهرجن.

ڪراچي ۾ فاروق ستار سميت ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ هزارين سرڪاري نوڪرين کي ڪالعدم قرار ڏنو، اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ جا ٿورائتا آهيون، انهي تعصب ۽ نسل پرستي جي بنياد تي ڏنل نوڪرين کي روڪي ڇڏيو.

هن چيو ته ڀٽو جي نسل پرست حڪومت ڪوٽه سسٽم لڳائي ورهاست جي بنياد وڌي. 50 سالن ۾ انصاف کان محرومي جي پوري تاريخ آهي. ڪوٽا سسٽم سبب سنڌ کي منزل تائين پهچڻ کان روڪيو ويو. ايستائين جو ڪراچي جي ماڻهن سرڪاري نوڪري جي لاءِ اپلاءِ ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو، قانون چوي ٿو ته هڪ کان 15 گريڊ جون نوڪريون گهٽين ۽ پاڙن جي مقامي ماڻهن کي ملڻ گهرجن.

خالد مقبول چيو ته ڪوڙا ڊوميسائيل ٺهرائي سنڌ جي شهري علائقن جون 80 سيڪڙو نوڪريون هڙپ ڪيون ويون. ڪراچي، حيدرآباد، سکر جي گڏيل نوڪرين ۾ 40 سيڪڙو حصو هو جنهن تي به عمل نه ٿي سگهيو. اسان جي نوڪرين تي قبضو ڪيو ويو سپريم ڪورٽ انهي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي.

فاروق ستار چيو ته ڪوٽه سسٽم جو مقصد هو ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي نوجوانن تي تعليم ۽ سرڪاري نوڪرين جا رستا بند ڪيا وڃن. سنڌ ۾ رهندڙ قومن ۾ ڏار پيدا ڪيا وڃن.

Read Previous

عوام کي نوڪرين کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش کي ايم ڪيو ايم پنهنجي فتح سمجهي رهي آهي: مرتضيٰ وهاب

Read Next

عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ ٻيا اڳواڻ آبپاره ۾ داخل ڪيس مان بري

Most Popular