حڪومت عزم استحڪام آپريشن تي اي پي سي گهرائِي آهي، اي پي سي ۾ نمائندا اُماڻينداسين ۽ بلوچستان بابت موقف رکنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

حڪومت عزم استحڪام آپريشن تي اي پي سي گهرائِي آهي، اي پي سي ۾ نمائندا اُماڻينداسين ۽ بلوچستان بابت موقف رکنداسين، پ پ چيئرمين جي ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ايس ڊي پي تي نواز ليگ سان وقت تي ڳالهيون نه ٿي سگهيون هيون، پي ايس ڊي پي تي اسان جي ايم اين ايز بغاوت ڪئي ته مجبوريءَ ۾ بجيٽ دوران ڳالهائڻو پيو، اسان سان مشاورت ڪئي وڃي ها ته بجيٽ ۾ سٺيون تجويزون ڏئي سگهون پيا

هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جي بينيفشري پيپلز پارٽي نه آهي، عام چونڊون شفاف نه هيون، پر پيپلز پارٽي هر اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڏٺي آهي، هي سلسلو ختم ڪرڻو آهي ته سياستدانن گڏجي اتفاق ڪرڻو پوندو ته مئچ صحيح هلي، جيڪو به مئچ کٽي ته اُن کي قبول ڪريون

Read Previous

سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي اين اي 231 ملير جي 4 پولنگ اسٽيشنز تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو

Read Next

ملڪ ۾ پائيدار استحڪام ۽ معاشي خوشحالي لاءِ”عزم استحڪام“ تمام ضروري آهي: ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس

Most Popular