اڏيرولال مان 16 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل واپاري نريش ڪمار شڪارپور مان بازياب

اڏيرو لال اسٽيشن  (رپورٽر) اڏيرو لال اسٽيشن کان حيدرآباد  ويندي  سيکاٽ  ٿاڻي جي حد مان  اغوا ٿيل نوجوان واپاري نريش ڪمار شڪارپور ڀرسان بازياب ڪرايو ويو آهي،

پوليس پاران مغوي کي آپريشن بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي،  16 ڏينھن اڳ  نريش ڪمار اغوا ٿيو ھو ، اڏيرو لال اسٽيشن جي شھرين احتجاجي تحريڪ ھلائي هئي

ٻئي طرف واپاري نريش ڪمار جي ڀاءُ پريم چند جو چوڻ هو ته آءِ جي سنڌ، ملڪ سڪندر ۽ ٻين جا ٿورائتا آهيون، جن جي ڪوششن سان ڀاءُ مليو آهي.

Read Previous

ملڪ ۾ پائيدار استحڪام ۽ معاشي خوشحالي لاءِ”عزم استحڪام“ تمام ضروري آهي: ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس

Read Next

ڪنزرويٽو جي 14 سالا حڪمراني جو سج لهي ويو، ليبر پارٽي ڪامياب، اسٽارمر برطانيا جو نئون وزيراعظم

Most Popular