پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ جي حڪومت آهي، ايس آءِ ايف سي ملڪ کي هلائي رهي آهي: عمران خان

اسلام آباد: (اربع: 10 جولاءِ 2024ع) تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ جي حڪومت آهي ۽ ايس آءِ ايف سي ملڪ کي هلائي رهي آهي.

اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ باني چيو ته پاڪستان کي بچائڻو آهي ته شفاف چونڊن کان علاوه ٻيو ڪوبه رستو نه آهي. اسٽيبلشمينٽ کي ملڪ کي بچائڻو آهي ته شفاف چونڊن طرف وڃڻو پوندو. ڪهڙي جمهوريت ۾ ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين جا ٽرائل ٿيندا آهن. اسٽيلشمينٽ جي حڪومت آهي ۽ ايس آءِ ايف سي ملڪ کي هلائي رهي آهي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته مون سان اهڙي طرح جو سلوڪ ڪيو پيو وڃي جيئن مان پاڪستان سان ڪا وڏي غداري ڪئي هجي.  موجوده حڪومت پاڪستان جي اميد ختم ڪري ڇڏي آهي ڪنهن کي هن حڪومت تي ڀروسو ناهي رهيو. چونڊن ۾ رڪارڊ ڌانڌلي ٿي آهي.

پي ٽي آءِ باني وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اسان کي انصاف جي لاءِ اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي رهيو آهي. سڀني کي خبر آهي ته اليڪشن ڪميشن ڌانڌلي ڪرائي آهي. قاضي فائز عيسيٰ چئي رهيو آهي ته انٽرا پارٽي چونڊون ڇو نه ڪرايون، ڇا چيف جسٽس کي خبر نه آهي ته اسان جي سموري پارٽي انڊر گرائونڊ هئي، سپريم ڪورٽ ۾  اسان جي انساني حقن ۽ 18 فيبروري جون درخواستون ڇو نه پيون ٻڌيون وڃن.

عمران خان وڌيڪ چيو ته 2021 ۾ ملڪ جو قرض 2.8 ٽريلين هو چئن سالن ۾ ملڪ جو قرض 8 کان 9 ٽريلين تائين پهچي ويو جنهن غريب جو 2 هزار جو بل ايندو هو هاڻ ان جو 10 هزار جو بل اچي ٿو. سموري اشرافيه جا پئسا ٻاهر پيل آهن. اسان جي دور ۾ سڀني کان وڌيڪ دهشتگردي ٿي مان بک هڙتال ضرور ڪندس، پر  مون کي ڪجهه فيصلن جو انتظار آهي.

Read Previous

ڪنگري جي ڪچي ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان پيءُ معصوم نياڻي سوڌو قتل

Read Next

مريم نواز پنجاب جي مزدورن کي 1200 کان وڌيڪ فليٽ مفت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular